حڪمران عوام کي نچوڙي رھيا آھن: اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽو، گيھه ۽ کنڊ مھانگو ڪرڻ واري اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلي کي عوام مٿان  ڊرون حملو قرار ڏنو آهي،زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته گيهه جي قيمت 90 رپيا، کنڊ 17 ۽ 20 ڪلو اٽي ۾ 150 رپيا اضافو عوام دشمني آھي، وفاقي سرڪار يوٽيلٽي اسٽورن کي سبسڊي فراھم ڪري،تباھي سرڪار 30 ڏينھن ۾ 3 ڀيرا پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، ھن چيو ته ڪورونا صورتحال ۾ حڪومتون عوام کي رليف ڏينديون آھن، مديني جي رياست جا دعويدار عوام کي نچوڙي رھيا آھن،نااھلن اٽو، کنڊ ۽ گيهه مھانگو ڪري عوام کان عيد جون خوشيون به کسي ورتيون آھن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.