سنڌ ۾ دهشتگردن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي نائب صدر حورالنساءِ پليجو، مرڪزي اڳواڻ راحيل ڀٽو، لال جروار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ ستار رند ڪراچي ۾ نالي واري  فنڪار شمن علي ميرالي جي ڀاڻيجي بابر ميرالي جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ کي افغانستان جيان دهشتگردن جي گهيري ۾ آڻڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.  بي گناهه قتل ڪيل بابر ميرالي جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سجنان گروپ جي ٻن دهشتگردن جي ڪراچي مان گرفتار ٿيڻ مان ثابت ٿيو آهي ته سنڌ ۾ دهشتگردن کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. ڪراچي پوليس موجب گرفتار جوابدارن ويسٽ جي علائقي منگهوي پير ۾ نوجوانن کي ٽي ٽي پي شامل ٿيڻ لاءِ پروپيگينڊه ڪرڻ جو انڪشاف به ڪيو آهي، جوابدار ڀتار خوري سميت ڌاڙن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن.  اڳواڻن چيو ته افغانستان مان دهشتگردن کي آڻي سنڌ ۾ به افغانستان جيان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي. افغانستان سان تعلق رکندڙ ٻن دهشتگردن جي گرفتاري ۽ انهن جي سنگين ڏوهن ۾ عتراف سان گڏ ڪراچي بدامني ڪيس دوران پاڪستان جي ڳجهن ادارن طرفان سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو هو ، ان باوجود پيپلز پارٽي ۽ وفاقي حڪومت پاران غير ملڪين کي ڪارڊ ٺهرائي ڏئي سنڌ ۾ بدامني، انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني پئي وڃي. ٻئي طرف عوامي تحريڪ جي ثابت قدم پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر رند عرف شينھن رند جي آخري رسمن ۾ عوامي تحريڪ جي وفد عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس سيڪريٽري عارب ڪيڙانو، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي، عوامي تحريڪ ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، شيخ جمال برھماڻي، حاجي خان سمون، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ جي اڳواڻي ۾ شريڪ ٿي کيس سرخ سلام پيش ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.