نصيرآباد مان کنڀجي ويل پورهيت اڳواڻ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ ريلي ، ڌرڻو

نصيرآباد (ت ر) نصيرآباد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاءِ 24 ڏينهن به ريلي ڪڍي وئي ۽ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سان خطاب ڪندي عورت اڳواڻ بلقيس نوناري چيو ته اسان جو  مطالبو اهو ناهي ته سينگار کي گهر پهچائي وڃو. اسان چئون ٿا ته سينگار کي ظاهر ڪيو، ڀلي پوءِ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو. اسانکي به خبر پوي ته اوهانکي سينگار جهڙي ماڻهو مان اوهانکي مليو ڇا. سنڌين وٽ روايت آهي ته نياڻي ميڙ تي خون معاف ڪيو ويندو آهي، پر قانون جا رکوالا رات جو گهرن ۾ داخل ٿي هزارين نياڻين تذليل ڪن ٿا، سينگار سنڌ جي مٽي مان پيدا ٿيو آهي ان جي اکين ۾ سائي سنڌ جو خواب آهي،  اهو خواب اوهان کسي نه ٿا سگهو، عوامي تحريڪ جي ضلعي اڳواڻ رفيع لغاري چيو ته اسين عوام دشمن طاقت کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌي قوم سجاڳ ٿي چڪي آهي، اوهان اسانکي هاڻي پنهنجي ايجنڊا تي هلائي نه ٿا سگهو. هڪ پورهيت اڳواڻ ۽ سياسي ڪارڪن کنڀيل آهي پر اوهين جواب ڏيڻ کان قاصر آهيو.  اوهان پورهيت، ڪارڪن ۽ مزدور کان خوفزده آهيو. ڌرڻي ۽ ريلي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو، ناري جمهوري محاذ اڳواڻ عاليه بخشل ٿلهو ۽ تنظيمن ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، عوامي تحريڪ، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ، سنڌي شاگرد تحريڪ، گسٽا، نمسوا ،ڪبوا ، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ، شهري اتحاد نصيرآباد، عوامي ورڪرز پارٽي، ڪلاٿ مارڪيٽ، ڪمنان، نمنان ، رائيس ملز مزدور يونين ، بوٽ هائوس يونين، جنرل اسٽور يونين ، رائيس ملر ائنڊ ٽريدرز يونين، نون ليگ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.