پاڪستان خطي ۾ رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي: صدر علوي

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان خطي جي ملڪن سان  رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، عراق سان واپاري، معاشي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن عراق جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير احمد امجد علي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀائر ملڪ عراق سان واپاري، معاشي، ثقافتي ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ واپار جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي ڪافي گنجائش آهي، نامزد سفير عراق ۽ پاڪستان جي وچ ۾ واپاري رابطا وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير عراق ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ زائرين جي سهولت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ فضائي ۽ سامونڊي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان خطي جي ملڪن سان رابطا وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ دفاعي سعبي ۾ تعاون مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، نامزد سفير پاڪستان ۽ عراق جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.