ڪراچي ۾ڪورونا جو ڀارتي قسم تيزي سان پکڙجڻ لڳو، اسپتالن ۾ جاءِ ختم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڊيلٽا ويرينٽ سبب وڏين سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالن ۾ جاءِ ختم ٿيڻ لڳي آهي، جنهن سبب طبي ماهرن شهر ۾ هيلٿ ايمرجنسي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اختيارين جو  چوڻ آهي ته ڪراچي جي سرڪاري اسپتالن ۾ مريض ٻارن جو انگ وڌي رهيو آهي، نيپا جي انفيڪشنز ڊيزز اسپتال مڪمل طور ڀرجي چڪي آهي، جڏهن ته ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ وڌيڪ مريضن جي داخلي جي گنجائش ناهي، آغا خان اسپتال ڪورونا جا وڌيڪ مريض وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين موجب سول اسپتال ڪراچي ۾ 48 بيڊ جي سرجيڪل وارڊ کي ڪورونا وارڊ ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ جناح اسپتال ڪراچي جي چيسٽ وارڊ کي به ڪورونا وارڊ ۾ تبديل ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته لياري جنرل اسپتال ۾ ڊيلٽا وائرس سان متاثر ٻار اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب ڪووڊ وارڊ ۾ بيڊ وڌايا پيا وڃن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڊيلٽا ويرينٽ جي شرح 92 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي، جنهن سان ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي ۾ به ڪورونا وائرس انفيڪشن جي شرح وڌي رهي آهي، ڊيلٽا ويرينٽ سبب وڏين سرڪاري ۽ غير سرڪاري اسپتالن ۾ جاءِ ختم ٿيڻ لڳي آهي. انڊس اسپتال جي پروفيسر عبدالباري جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال ضابطي مان نڪري چڪي آهي، اسپتال جو ڪورونا وارڊ ۽ ايمرجنسي مريضن سان ڀرجي ويا آهن، عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ۽ ويڪسين لڳرائڻ جي درخواست ڪيون ٿا، پروفيسر انجم رحمان چيو ته ڊيلٽا وائرس جا متاثر ٻارڙا لياري جنرل اسپتال ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، لياري جنرل اسپتال جي ڪورونا وارڊ ۾ بيڊ جو تعداد وڌي رهيو آهي ،سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 11794 نمونا چڪاس ڪيا ويا، جن مان 1247 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ وڌيڪ 17 مريض فوت ٿي ويا،. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ 5،737 ٿي ويو آهي، اڄ 493 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، هن وقت 31329 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 952 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 64 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.