وزير اعظم مهانگائي تي اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ جي لاءِ  اهم اجلاس طلب ڪري ورتو. وزيراعظم عمران خان بني گالا ۾ اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، جنهن ۾ مهانگائي ۽ صوبن ۾ اگهن تي ضابطن جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم کي پي ٽي آءِ جي انتظامن بابت به بريفنگ ڏني ويندي، ملڪ ۾ سياسي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو، افغانستان جي صورتحال ۽ ڪشمير ۾ چونڊن تي پڻ گفتگو ٿيندي، جڏهن ته ايندڙ وقت لاءِ حڪمت عملي به طئي ڪئي ويندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.