صنعان قريشي سميت 15 ڪارڪن آزاد، جشن

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 6 جون تي ڳوٺاڻن جي زمين تي قبضن خلاف بحريا ٽائون گيٽ اڳيان احتجاج بعد ڀڃ ڊاهه جي  ڪيسن ۾ گرفتار ٿيل جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ امجد مهيسر ملير جيل مان آزاد ٿي ويا،  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جي موقعي تي جسقم، ايس ٽي پي، ايس يو پي سميت سنڌ ايڪشن ڪميٽي ۾ شامل پارٽين جي سوين ڪارڪنن آزاد ٿيل اڳواڻن مٿان گل نڇاور ڪندي دهل ۽ شرنائين سان شاندار آجيان ڪئي، ضمانت ٿيل 147 ڄڻن مان 15 اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جون شوئرٽي قابل قبول ڏيندي ملير ۽ سينٽرل جيل ڪراچي مان آزاد ٿي ويا، جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ امجد مهيسر کي ملير جيل مان آزاد ڪيو ويو،  آزادي بعد جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيل اسانجو ٻيو گهر آھي، جيل جون سختيون اسان کي مقصد تان هٽائي نٿيون سگهي مون کي پنهنجي آزادي تي ايتري خوشي نه ٿي آھي ڇاڪاڻ ته مون سان گڏ گرفتارٿيل ڪارڪنن کي آزاد نه ملي آھي، هن چيو ته مان راشد محمود سومرو، معظم عباسي ۽ وڪيل برادري سميت سموري سنڌي قوم جو شڪرگذار آھيان جن اسان جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو، اسان جي جدوجهد حق ۽ سچ خاطر آھي جنهن لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين، سموري سنڌي قوم کي سنڌ جي اهم مسئلن تي گڏ ٿيڻو پوندو، اسان پنهنجي وطن ۾ قيدي آھيون، جيلن ۾ قيد ٻين ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪرايو ويندو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي آزادي بعد جسقم جي ڪارڪنن جي وڏي قافلي جي صورت ۾ گلشن حديد پهتو جتي پڻ سندس ڀرپور آجيان ڪئي. هوڏانهن جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران 38 هين ڏينهن هلندڙ احتجاج جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ قومپرست اڳواڻن جي آزادي بعد احتجاج ختم. جسقم اڳواڻ مسعود شاهه ، مورڙيو ميربحر ، شبير مگسي ، برڪت جلباڻي، علڻ رند، خير محمد لاکو ، غوث ڪيريو، الياس جوڻيجو ، محب رند، سنڌ سجاڳ فورم جي مجيد عباسي،انسان دوست فورم اڳواڻ نور الدين ڪيريو ۽ ٻين اڳواڻن پاران جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين قومپرست اڳواڻن جون ڪورٽ پاران ضمانتون منظور ٿيڻ بعد پنهنجو احتجاج ختم ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.