قومي اسيمبلي ۾ ممتاز علي ڀٽو جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني

اسلام آباد (م ڊ)  قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو ۽ سڄي ملڪ  ۾ مختلف حادثن ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي وئي. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته چترال ۾ به مختلف حادثن ۾ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ڊپٽي اسپيڪر جي چوڻ تي مولانا عبدالاڪبر چترالي ايوان ۾ سمورن مرحومن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.