پاڪستان ۾ غدار جو لقب مليل اصل ۾ وفادار آهي: مريم نواز

حويلي (م ڊ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو  آهي ته پاڪستان ۾ جنهن جنهن کي غدار جو لقب ملي، اهو اوترو ئي وفادار آهي. آزاد ڪشمير جي علائقي حويلي ۾ چونڊ جلسي سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف گڏيل قومن ۾ برهان واني جو ڪيس وڙهيو، نواز شريف آزاد ڪشمير جي ماڻهن جو ڪيس وڙهندو، اسان سليڪٽڊ وانگر ڪشمير کي مودي جي حوالي نه ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف ڪڏهن به اهو پِٽڻو ناهي پٽيو ته ان جي فون مودي اٽينڊ نه ڪئي، حق جي لاءِ سامهون اچي مقابلو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ جنهن کي غدار جو لقب ڏنو ويو، اصل ۾ اهو ئي وفادار آهي. سندس چوڻ هو ته سرڪار جو خزانو خالي ڪرڻ باوجود باغ ۾ عمران خان جي جلسي ۾ ڪير به نه ويو، باغ وارن عمران خان جي جلسي ۾ نه وڃي ان کي رد ڪري ڇڏيو، نواز شريف پنهنجي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏيندو آهي وڪڻندو ناهي، جنهن جنهن رشوت ڏني، اڄ اهو عمران خان سان گڏ ويٺل آهي، باغ ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار تنوير الياس 2016 ۾ نواز شريف کان 50 ڪروڙ رپيا فنڊ ڏيڻ تي ٽڪيٽ گهري هئي. عمران خان جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي اها آهي ته چين سي پيڪ تي ڪم بند ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف جي دور ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارو چين اڄ جاچ ٽيمون موڪلي رهيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.