عمران خان کي اليڪشن چورائڻ ۽ بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين: راجا فاروق

مظفر آباد(م ڊ ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر خان چيو آهي ته علي امين گنڊاپور سان ڪو به ذاتي جهيڙو ناهي، عمران خان  کي نه اليڪشن چوري ڪرڻ ڏينداسين ۽ نه ئي هن کي بدمعاشي ڪرڻ ڏينداسين، مظفر آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا فاروق حيدر خان چيو آهي ته احتجاج دوران بيضا ۽ ٽماٽا ته استعمال ٿيندا آهن ،جواب ۾ فائرنگ سمجهه کان ٻاهر آهي، آزاد ڪشمير کي مذاق پيو بڻايو وڃي، ڇا هي بني گالا جيڪو توهان چاهيو اُهو ڪيو،فاروق حيدر چيو ته پنهنجو ڪيس پاڪستاني عوام جي آڏو پيش ڪندس، ڇا هي پاڪستان جو وزيراعظم آهي جيڪو آزاد ڪشمير جا حق پائمال ڪري رهيو آهي، ماڻهن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.