واٽر بورڊ ملازمن کي پگهار ۽ پينشن نه ملي احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) واٽر بورڊ جي ڏهه هزار ملازمن ۽ 7 هزار پينشنرز کي عيد الاضحيٰ تي انهن جي پگهار ۽ پينشن کان محروم ڪيو ويو، ايم ڊي  واٽر بورڊ نااهلي ۽ لاپرواهي ظاهر ڪئي آهي، رقم موجود هجڻ جي باوجود ادائيگي نه ڪئي وئي آهي، ملازمن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ يونائيٽڊ ورڪرز يونين جي چيئرمين جوزف صنم ، صدر پنهل مگسي، جنرل سيڪريٽري اڪرام خان، چيف آرگنائزر اڪبر معيد يوسفي ۽ ٻين چيو آهي ته واٽر بورڊ جي ايم ڊي جي نااهلي ۽ غفلت سبب پريشاني واري صورتحال آهي، حاضر سروس ملازمن کي پنهنجو جمع ڪيل فنڊ به جاري ناهي ڪيو ويو، فوتي ڪوٽا تي ڪيس فائنل ٿيڻ جي باوجود مقرري ناما جاري نٿا ڪيا وڃن هن چيئرمين واٽر بورڊ کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.