ڌاري آبادڪاري سنڌ تي بار آھي: نياز ڪالاڻي

دريا خان مري (ن ع آ) جسقم جي اڳوڻي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ جسقم جي اڳوڻن مرڪزي اڳواڻن سرفراز ميمڻ پنھل ساريو آصف راھوجو دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ حسين بخش وڳڻ پھچي وڳڻ برادري  جي قتل ٿيل 4 ڄڻن جي عذرخواھي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته صدام وڳڻ جسقم جو ڪارڪن ۽ عھديدار ھيو ۽ ھڪ سٺو کلڻو ملڻو جوان ھيو، سندس سنڌ لاءِ ڪيل خدمت توڙي جسقم لاءِ ڪيل جدوجھد ياد رکي ويندي سندس وارثن سان ھر ڏک سک م گڏ آھيون ۽ ھر موڙ تي سندن سان ساٿ رھندو ھن چيو ته سنڌ م قبيلائي ۽ برادري جھيڙن سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رھيون آھن جنھن سبب سنڌ توڙي سنڌ جي عوام جو نقصان ٿي رھيو آھي  سنڌ م اڳ ئي ڌاري آبادڪاري سنڌ تي بار آھي افغانستان مان پڻ 7 لک کان وڌيڪ افغاني پاڪستان اچي رھيا آھن جن کي پڻ سنڌ م آباد ڪرڻ لاءِ سازشون ٿي رھيون آھن افغانين کي سنڌ اندر داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قومپرست پارٽين پاران ڪوششون جاري آھن، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي سنڌ م صحت تعليم سميت بنيادي سھولتون نه ھجڻ برابر آھن جنھن سبب سنڌ جو عوام سخت پريشان حال آھي ھن وڌيڪ چيو ته جسقم جي مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي سميت مرڪزي قيادت تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آھي جن جي آزادي لاءِ مختلف شھرن م پرامن مظاھرا ڪيا پيا ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.