ڪاڇو اڃا پاڻي جي گهيري ۾ ، رستا بحال نه ٿيا، بيمارين منهن ڪڍيو

واهي پانڌي( ن ع آ ) نئين گاج جي وهڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ غريبن جا اجھا لوڙهي ڇڏيا هزارين متاثر خاندان نٽهڻ اس تي بي يارو مددگار ويٺل آهن واهر جي اپيل باوجود سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن  ٽئين ڏينهن به واھر نه ڪئي ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جا روڊ رستا ھيڊ ڪوارٽر دادو سان بحال نه ٿي سگهيا جڏهن ته واهي پانڌي ڊرگھ بالا ڇني ٽنڊو رحيم خان ھيرو خان سميت ٻين شهرن جي سوين ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جون شيون اڻ لڀ ٿي ويون آهن. دڪاندارن پڻ کاڌي پيتي جي شين جا اگھ ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن غريب ماڻهو هڪ ويلهو ماني کائڻ لاءِ پريشان بڻيل آهن جڏهن ته متاثر ڳوٺن ۾ واٽر سپلاء اسڪيمون نه هجڻ ڪري دٻن جو بيٺل گدلو پاڻي واپرائڻ سبب متاثر ڳوٺن ۾ دست الٽي بخار ۽ ٻين مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي . متاثر ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان پرزور اپيل ڪندي چيو ته خدا جي واسطي اسان جي واهر ڪريو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.