ايس ايس پي ڄامشورو کي هٽائي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو

ڪوٽڙي:( ت ر)  ايس ايس پي ڄامشورو موجب ڪيس ۾ هلندڙ جاچ جي سلسلي ۾ گهربل ٽن جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، ايس ايس پي جاويد بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائنيدي آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي جاچ ۾ گهربل جوابدارن  کي ڪراچي پوليس جي حوالي ڪرڻ لاءِ سي آءِ اي ٿاڻي جي هيڊ محرر اصغر پنهور ۽ جبار سولنگي جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هڻي تلاشي ورتي وئي آهي، جڏهن ته سي آءِ اي انچارج سرور راهپوٽي جي گرفتاري لاءِ به سندس ڳولها جاري آهي، ايس ايس پي موجب سندس پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جو مينڊيٽ فقط اهو آهي

ي ه هو سي آءِ اي جي مال خاني جو رڪارڊ ڏسي ان ڳالهھ جو جائزو وٺي ته سرڪاري پراپرٽي پوري آهي. هوڏانهن ايس ٽي پي اڳواڻن يونس اوٺو، امجد مستوئي، ابراهيم کامڙيو، شاهد ميمڻ ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي ۾ احتجاج ڪندي اڳوڻن چيو ته ايس ايس پي جي سرپرستي ۾ سڀ ڪجهھ ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ئي نه آهي ته هڪ ضلعي آفيسر جي مرضي کان سواءِ منشيات اسمگل ٿي سگهي. هنن چيو ته ايس ايس پي جي سرپرستي ۾ هلندڙمنشيات سبب ڄامشورو ضلعو منشيات جو ڳڙھ بڻجي ويو آهي، هنن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي فوري طور هٽائي ضلعي کي منشيات کان آجو ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.