نيئن گاج کي ايري گيشن عملي رات پيٽ ۾ ھٿرادو ڪٽ ھڻايا آهن:لياقت جتوئي

جوهي(ن ع آ ) نيئن گاج جي آيل تيز وهڪري ۾ چئن ڏينهن بعد لاٿ يوسي ڪمال خان ، يوسي ساوڙو جي آيل ڳوٺن ۾ نيئن گاج جي  تباهڪارين ۾ ٿيل نقصان جو ازالو نه ٿيو متاثرينن وٽ ڪير به لڙي نه ويو نقصان جو ازالو نٿيڻ تائين متاثرينن سان هر ممڪنه سهڪار جاري رهندو اڳوڻو وزير اعلي سنڌ لياقت علي جتوئي نئن گاج جي آيل تباههڪارين ۽ جوهي ايف پي بند جو دورو ڪندي آرڊي 44 آرڊي 50 51 تي پهتو متاثرين علائقن جو دورو ڪرڻ بعد جوهي برانچ تي دادو  جوهي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته چونڊيل نمائندن منڇر ۾ گاج جي پاڻي جي ڇوڙ ڪرڻ بجاءِ ايري گيشن عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري رات پيٽ ۾ ھٿرادو ڪٽ ھڻائي  ماڻھن کي رليف ڏيڻ بجاءِ نقصان ڏئي سندن سمورا رستا بند ڪري متاثرينن کي بي يارو مددگار اڪيلو مصيبت حوالي ڪري ثابت ڪيو ته حڪمرانن جو عوام سان ڪوب ناتو ناهي رڳو فنڊ ھڙپ ڪرڻا آھن هن وڌيڪ چيو ته نئن گاج جي پاڻي تي سياست ڪندي هٿ سان ٻوڙايو ويو آھي ته جئين لياقت جتوئي جون نشانيون ختم ٿي وڃن افسوس جوهي بئراج واري پل به اسان جي دور ۾ تعمير ٿي ته جئين ڪاڇي کي ملائجي ،هي منهنجو فرض آھي ڪاڇي جي مرڪزي شھر واهي پانڌي ۾ گرڊ اسٽيشن ڏني هي مصيبت کي انجوائي چون ٿا شرم اچڻ گهرجي هي عوام جا نه پر هٿ ٺوڪيا ڌانڌلي جي پيداوار آھن عوام جا نمائندا اسان آھيون.ان موقع تي  رئيس امداد خان لغاري ، سردار عاشق حسين زئونر، عرفان علي رند ،ايم اسماعيل ٿهيم ، عثمان رودناڻي ،ٻيا ساڻس گڏ ھئا جيڪي پريس بريفنگ بعد جوهي لڳ ڳوٺ بخش علي رند ۾ آبادگار غلام قادر شينهن رند جي تڏي تي پهچي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.