ڀارت ايف اي ٽي ايف کي سياست ۾ آڻي ڪردار گهٽائي پيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته ڀارت ايف اي ٽي ايف کي سياست ۾ آڻي ان جو ڪردار گهٽائي رهيو آهي. پرڏيهي  کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان جي رد عمل ۾ زاهد حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڀارتي پرڏيهي وزير جو بيان ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان خلاف ناڪاري ڪردار جو ثبوت آهي. هن چيو ته ڀارتي بيان مک فورم کي ننڍي سوچ جي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش کي ثابت ڪري رهيو آهي، ماضي ۾ به ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ڀارت جي ناڪاري ڪردار کي عالمي برادري اڳيان آڻيندو رهيو آهي، پاڪستان ڀارت جي تازي اعتراف کي ايف اي ٽي ايف جي نوٽيس ۾ آڻيندو.  پرڏيهي ترجمان موجب پاڪستان مناسب ايڪشن جي لاءِ ايف اي ٽي ايف سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ايف اي ٽي ايف تي زور ڀري رهيا آهيون ته ان معاملي کي ڏسي، پاڪستان ايف اي ٽي ايف سان مخلصي تعميري طور رڌل رهيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.