ڪراچي ۾ ڪارروائي، ٽي ٽي پي سجنان گروپ جا 2 دهشتگردگرفتار

ڪراچي/ملير (نمائندا) ڪراچي پوليس اسٽيل ٽائون ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سجنان گروپ جي  ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب ٻنهي جوابدارن 2013 ۾ ٽي ٽي پي سجنان گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ افغانستان مان تربيت حاصل ڪئي دهشتگردن جي قبضي مان شارٽ مشين گن، دستي بم ۽ ٻيو سامان قبضي ۾ ورتو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار  دهشتگرد سيف الله عرف محسن عرف صدام حسين 2013 ۾ نيٽو جو سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينر کي ساٿين سميت ملي باهه لڳائڻ جو اعتراف ڪيو.واردات کان پوءِ جوابدار ڪراچي مان فرار ٿي شوال جي علائقي ۾ هليو ويو هو جتي ساٿين سان ملي پاڪستان آرمي جي جوانن تي مختلف وقتن ۾ حملو ڪرڻ جو به انڪشاف ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدارن منگهو پير ۾ نوجوانن کي ٽي ٽي پي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سندن ذهن تيار ڪندا هئا. جوابدار ڪراچي ۾ ڀته خوري سميت ڌاڙن جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.