ڀارتي اسرائيلي ڳٺ جوڙ، عمران خان ۽ ڪابينا جي جاسوسي جو انڪشاف

واشنگٽن( م ڊ) ڀارت طرفان وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرز جا بھ فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. ذريعن موجب ڀارت اسرائيلي ڪمپني جي سافٽ ويئر ”پيگاسس“ جي ذريعي وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرن  جا فون ڪالز ۽ ميسيجز ريڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ذريعن جو چوڻ آھي ته ڀارت جي جاسوسي تي اعليٰ عسڪري ۽ سول  قيادت جي ويھڪ ٿي آھي، جنھن ۾ وزيرن سميت سرڪاري آفيسرن جي لاءِ واٽس ايپ طرز جي نئين ايپليڪيشن آڻڻ تي مشارورت ڪئي وئي آھي. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت طرفان انھيءَ معاملي تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو آھي، ڀارت جي جاسوسي جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ تي غور ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڀارت جي جارحاڻي حڪمت عملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. خيال رھي تھ امريڪي اخبار جاسوسي جي اسرائيلي نظام سان پاڪستان سميت ڪئي ملڪن جي شخصيتن جا فون ھيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آھي. امريڪي اخبار ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ فرانسي ميڊيا گروپ جي گڏيل تحقيقاتي رپورٽ موجب ڀارت سميت 10 ملڪن اسرائيلي ڪمپني جي لاءِ صارف آھي ۽ انھيءَ جي سافٽ ويئر کي پنھنجي مخالفن جي جاسوسي جي لاءِ استعمال ڪندا آھن. رپورٽ موجب 10 ملڪن ۾ ڪجهه سالن دوران 50 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن جا فون ھيڪ ڪيا ويا يا پوءِ انھيءَ جي ڪوشش ڪئي وئي، انھن ماڻھن ۾ صحافي، انساني حقن جا نمائندا، مخالف ڌر جا اڳواڻ شامل آھن. امريڪي اخبار جي رپورٽ موجب ڀارت به انھيءَ ڪمپني جو صارف آھي ۽ ڀارتي حڪومت وٽ جاسوسي، نگراني ۽ ڊي ڪوڊ ڪرڻ جي صلاحيت آھي، ڀارت طرفان پنھنجي مخالف اڳواڻ راھول گانڌي سميت پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جو پراڻو نمبر بھ ھيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انھيءَ انڪشاف بعد اسرائيلي ڪمپني کي انتھائي تنقيد جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل جاسوس سفافٽ ويئر ٺاھڻ واري اسرائيلي ڪمپني خلاف ڪيس جي حمايت ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.