پٻڻ ويجهو تنگ ڪرڻ تي ناري ڦاهو کائي ڇڏيو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڀرسان ڪجهه ماڻهن پاران تنگ ڪرڻ تي نوجوان ڇوڪري ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، پٻڻ ٿاڻي جي حد  ڳوٺ موري منگر ۾ مومجي ٺاڪر جي گھر مان سندس 22 ورهين جي ڌي ڪرشنا جو ڦاھو کاڌل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،وارثن موجب اوباش نوجوانن پاران تنگ ڪرڻ سبب ڪرشنا ڦاھو کائي ڇڏيو، پوليس وٽ شڪايت ڪئي وئي ھئي، پوليس جوابدارن کي گرفتار به ڪيو پر پوءِ بااثر شخص جي مداخلت تي آزاد ڪري ڇڏيو، آزادي بعد اھي ڇوڪرا ناري کي ٻيھر تنگ ڪرڻ لڳا، جنھن کان تنگ اچي ناري ڦاھو کاڌو ٻئي طرف ايس ايڇ او فرحان ميمڻ جو چوڻ ھو ته ابتدائي جاچ ۾ ناري جي مائٽن ٻن نينگرن راھول پٽ ڀاڳت ۽ مڪيش پٽ رامجي تي ڪرشنا کي جنسي طور هراسان ڪرڻ جو الزام ھنيو . جن جون عمرون 15 سال تائين آھن، انھن نينگرن کي حراست ۾ ورتو ويو آھي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، ايس ايڇ او موجب جاچ ۾ خبر پئي آھي ته الزام ھيٺ آيل نينگرن جا والد ۽ ناري جو والد پاڻ ۾ سئوٽ آھن، سندن وچ ۾ سڱاوتي معاملن تان ناراضگيون به آھن، شڪ آھي ته ناري گھرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.