افغان سفير جي ڌيءَ جي بيانن ۾ تضاد آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي بيانن ۾ تضاد آهي، ان جي سامهون سمورا فوٽيج رکيا  ويا آهن. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جتي جتي ڇوڪري وئي، سمورا فوٽيج اسان وٽ موجود آهن. هن چيو ته ڇوڪريءَ دامن ڪوه ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪئي، اسان چئني ٽيڪسي ڊرائيورن جو پتو به لڳائي ورتو آهي، پرڏيهي وزارت معاملي کي بهتر طريقي سان ڏسندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.