الله فساد پکيڙيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري، سماج ۾ برابري قائم ڪيو : حج جو خطبو

مڪو مڪرمه (م ڊ) ڪعبت الله شريف جي پيش امام  حج جي خطبي ۾ چيو آهي ته امت کي گهرجي ته هڪٻئي سان شفقت وارو رويو رکي، مصيبتن ۽ آزمائشن تي صبر ڪيو، ماڻهن تي احسان ڪندا رهو. الله فساد پکيڙيندڙن کي پسند نه ٿو ڪري، سماج ۾ برابري قائم ڪيو . عرفات جي ميدان ۾ نمرا مسجد مان حج جو خطبو ڏيندي شيخ بندر بن عبدالعزيز چيو ته الله پاڪ چيو آهي ته مون کان سواءِ ڪنهن کي نه سڏيو ۽ شريڪ ڪيو، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو توهان زمين وارن تي رحم ڪيو، الله پاڪ توهان تي رحم ڪندو، امت کي گهرجي ته هڪٻئي سان شفقت وارو سلوڪ ڪريو، الله جي رحمت مان اهي ئي ماڻهو مايوس ٿيندا آهن، جيڪي گمراهه هوندا آهن، رب ڪريم فرمايو آهي ته منهنجي رحمت منهنجي عذات تي غالب آهي، رسول صه جن فرمايو ته جنت ۾ الله پاڪ جي رحم ۽ فضل کانسواءِ ڪير به داخل نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته الله پاڪ جهڙي ريت توهان تي احسان ڪيا آهن، اهڙي ريت توهان ماڻهن تي احسان ڪيو، الله پاڪ جي رحمت احسان ڪندڙن جي ويجهو آهي، الله پاڪ پيءُ ماءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پيءُ ماءُ کانپوءِ مائٽن سان سٺو سلوڪ ڪيو، پاڻ سڳورن صه جن فرمايو ته پنهنجي ملازمن سان احسان وارو رويو اختيار ڪيو، نوڪرن تي انهن جي وس کان وڌيڪ بار نه وجهو، پنهنجن حقن ۽ واعدن کي پورو ڪيو، توهان لاءِ ڪتاب ان ڪري موڪليو آهي ته جيئن توهان هدايت وارا بڻجي سگهو ۽ الله پاڪ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي سگهي ٿو، پنهنجي نفس کي ماريو، سندس چوڻ هو ته الله پاڪ زمين تي فساد ڪندڙ کي پسند ناهي ڪندو، قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي ته الله پاڪ جي رسي کي مضبوطي سان پڪڙيو ۽ فرقن ۾ نه پئو، پاڻ ۾ همدردي واري لاڳاپن کي قائم ڪيو ۽ وڏائي ۽ نفرت کي ختم ڪيو، معاشري ۾ برابري قائم ڪيو، الله جي رضا جي لاءِ هڪٻئي کي معاف ڪيو. نبي پاڪ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ وبا پکڙجي وڃي ته ٻاهريان ماڻهو ان علائقي ۾ نه وڃن ۽ اتان جا ماڻهو اتان کان ٻاهر نه نڪرن، سمورا حاجي پنهنجي پنهنجي علائقن لاءِ دعا ڪن، جڏهن توهان دعا گهرندا آهيو ته فرشتا فخر ڪندا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.