سنڌ جي اڳوڻي گورنر بزرگ سياستدان سردار ممتاز ڀُٽي جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي، تر ۾ سوڳ

رتو ديرو / لاڙڪاڻو(عيوضي) بزرگ سياستدان،  سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير، گورنر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ سردار ممتاز علي ڀٽي جو مڙهه ڪراچي واري رهائشگاهه کان سندس جي ننڍي فرزند نوابزاده علي حيدر خان ڀٽو، آصف بيگ محمد، غلام قادر شاهه ڄاموٽ ۽ مجيب جي نگرانيءَ ۾ ايمبولينس ذريعي سندس اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو آندو ويو. مڙھه پھچڻ وقت اتي موجود ھزارين ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئندا ۽ سُڏڪندا رھيا. ان کان اڳ لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن جي دنگ ڌامراهه واهه تي سوين گاڏين ۾ سوار هزارين پارٽي ورڪر، عهديدار ۽ چاهيندڙ ميت سان گڏ ميرپورڀٽو پهتا، ميت کي سڌو حويليءَ نيو ويو، جنهن بعد جنازي نماز سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وڏي نياڻي غلام قادر شاهه ڄاموٽ آف مٽياري پڙهائي. سردار ممتاز علي ڀُٽو جي اوطاق تي به وڏي تعداد ۾ فرنٽ سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ شھري تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن گڏ ٿيل ھئا. جنازي نماز ۾ مرحوم جي پُٽن امير بخش ڀٽو، علي حيدر ڀٽو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو، اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي، ايم پي اي معظم علي عباسي، جي يو آئي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو، پي پي پي اڳواڻ خير محمد شيخ، انور علي نواز لهر، مير مٺل ٽالپر، ايم پي اي اسلم ابڙو، سردار اظهر خان ڪماريو، ايڊووڪيٽ آصف سومرو، سيد حسن محمود شاهه امروٽي، رئيس عبدالنبي خان جمالي، الهورايو سومرو، ڊاڪٽر روشن علي پيچوهو، ارشاد خان جوڻيجو، اياز ڀاڳت، سرائي محمد صالح لاکو، ڊاڪٽر نورالدين ڀٽو، رئيس بشير احمد چولياڻي، ايڊووڪيٽ عبدالصمد بجاراڻي، ڊاڪٽر جڳ مال، شاهنواز خان ٽالپر، پير الهڏنو شاهه جيلاني، مير محسن ٽالپر، مير پنهل خان ٽالپر، اڳوڻو وفاقي وزير شاهد خان ڀٽو، سردار عامر خان ڀٽو، عبدالصمد خان ڀٽو، اشفاق خان ڀٽو، فقير عنايت هيسباڻي، محمد پريل ٻگهيو، غلام مصطفيٰ مري، سردار ذوالفقار  خان ڪماريو، لياقت پنهور، مولائي احمد علي لاکو، سردار علي گوهر خان مهر، غوث بخش خان مهر، رئيس غلام رسول چانڊيو، حيدر شاهاڻي، گلزار سومرو، نصرت چنا، ڏاڏو عمراڻي، سردار علي نواز خان گهانگهرو وڪيل، علي انور خان گهانگهرو، غلام رسول ناريجو وڪيل، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر چيتن ڪمار، جهنڊو فقير، مير مظفر ٽالپر، شاهنواز خان لنڊ، سائين جي ايم سيد جو پوٽو سيد ڊاڪٽر ضياء شاهه، سيد سرويچ مرتضيٰ، روشن ڪلهوڙو، محمود ڀٽو، رئيس ڪريم چانڊيو، فقير خليل ڪنڀار، ولي جماري وڪيل، ڊاڪٽر رستم ڀٽو، ڊاڪٽر آفتاب ڀٽو، مير مولا بخش کوسو، رئيس عطاءُ الله ڀٽو، بشير احمد مزاري، لالا احمد خان پٺاڻ، عبدالرزاق چاچڙ، شير خان کوسو، مشتاق احمد ميمڻ، رئيس عبدالصمد بروهي، هوت ميرالي، دريا خان راڄپر، اعجاز احمد ڀٽو، ميان خير دين انڍڙ سميت مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سياسي، سماجي، مذهبي اڳواڻن، اديبن، وڪيلن، پارٽي جي ورڪرن، اڳواڻن، همدردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز کي مدِنظر رکندي ماڻهن کي ٻن وڏين اسڪرينن ذريعي آخري ديدار ڪرايو ويو. ان موقعي تي حڪومت طرفان جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا هئا، ماڻهن کي سنيپ چيڪنگ بعد ڇڏيو ويو. جنازي نماز بعد مرحوم نواب سردار ممتاز علي خان ڀٽو جو مڙهه سندس طرفان حياتيءَ ۾ جوڙايل مقبري اندر هزارين سڏڪن ۽ لڙڪن سان کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سردار ممتاز علي ڀٽو پونئيرن ۾ ٻه پٽ نوابزاده امير بخش خان ڀٽو، نوابزاده علي حيدر خان ڀٽو، ٻه نياڻيون ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيا آهن. سندس تڏو اباڻي ڳوٺ ميرپور ڀٽو ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس پونئيرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. نواب سردار ممتاز علي خان ڀٽو جي وفات جي خبر ملڪ ۾ جهنگ جي باهه جيان پکڙجي وئي، سندس رهائشگاهن ڪراچي، ميرپور ڀٽو ۽ لاڙڪاڻي ۾ سڄي ملڪ مان فونون ڪري نواب جي وفات جي تصديق ڪرڻ سان گڏ ڏک ونڊڻ جو سلسلو جاري رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.