جونگل ڀرسان چڙهائي، پوليس تي حملو، علائقو ميدان جنگ، اهلڪار شهيد

جونگل/ ٺل (نمائندن وٽان) جونگل بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ جان محمد سرڪي ۾ ڳجهي اطلاع تي ايس ايڇ او رفيق احمد کيڙو جي اڳواڻي ميرپور ٻرڙو، بي سيڪشن ٺل ۽ جونگل پوليس جي 16 سال اڳ قتل  ڪيلن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڳوٺ جان محمد سرڪي تي چڙهائي ڪئي ته عورتن ۽ مردن پوليس اهلڪارن ۽ گاڏين مٿان پٿراءُ ڪيو، ڳوٺاڻن سروٽن ۽ لٺين هڻي  اهلڪار سجاد پهوڙ، علي پهوڙ ۽ پرويز بنگلاڻي کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس اهلڪار پرويز بنگلاڻي ڳجهو ڌڪ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، کين نازڪ حالت ۾ تعلقي اسپتال نيو ويو جتي هو سورن جي سٽ  نه سهندي فوت ٿي ويو، هوڏانهن پوليس اهلڪار بغير ڪنهن گرفتاري جي خالي هٿين واپس موٽي آيا، ڳوٺاڻن هٿان شهيد ٿيل پوليس اهڪار پرويز بنگلاڻي جو لاش تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،  مڙهه ڳوٺ حاجي شير علي جعفري ۾ پهچايو  ويو، اهڪار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، شهيد اهلڪار سوڳوارن 2 پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد ڇڏيو. بي سيڪشن پوليس جون ڀٿراءُ ۾ ملوث  ڳوٺاڻن ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ڳوٺن تي چڙهايون ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي ان حوالي سان ايس ايڇ او بي سيڪشن رفيق کيڙو صحافين  کي ٻڌايون ته پوليس مٿان پٿراءُ ڪندڙن ۽ اسان جي جوان کي شهيد ڪندڙن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي آڻينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.