ڊاڪٽر قادر مگسي ڀاتين سوڌو ڪورونا ۾ مبتلا

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. سندس گهرواري ڊاڪٽر سنڌو مگسي ۽ ٽن ٻارڙن سنيها، سيليني ۽ محمد سائين کي به ڪورونا جي تشخيص ٿي آهي.  ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر قادر مگسي ڀيڻ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس تڏي تي ويٺو هو جنهن کانپوءِ کيس بخار ۽ بدن ۾ سور جي تڪليف محسوس ٿي. هن پنهنجي ۽ گهروارن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي جيڪا پازيٽو اچي وئي آهي. ڊاڪٽر قادر مگسي طبعيت خراب ٿيڻ جي ڪري اسپتال به ويو ۽ پنهنجي سي ٽي اسڪين سميت ٻيون رپورٽون به ڪرايون. هن پنهنجي سوشل ميڊيا واري آفيشل پيج تي به اهڙي آگاهي جو پيغام رکيو آهي. سندس جماعت جي مرڪزي اڳواڻن به اهڙي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڊاڪٽر قادر مگسي پاڻ کي پنهنجي گهروارن سميت آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.