ڊيرا غازي خان ۾ عيد تي ويندڙن سان روڊ حادثو 34 ڄڻا فوت، 60 زخمي

ڊيرا غازي خان (۾ ڊ ) ڊيرا غازي خان ۾ خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 34 ڄڻا فوت جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب روڊ حادثو تونسه روڊ تي  بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر سبب پيش آيو. بس سيالڪوٽ کان راجن پور وڃي رهي هئي. زخمين کي فوري طور تي ويجهن اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب زخمين ۾ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن سبب فوتگيون وڌڻ جو امڪان آهي.حادثي جو شڪار ٿيندڙ ڪيترائي مسافر عيد جي موڪلن تي پنهنجي اباڻن ڳوٺن ڏانهن وڃي رهيا هئا. بس ۾ 75 مسافر سوار هئا. پوليس حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار حادثي ۾ انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين کي علاج جون بهترين سهوليتون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.