سي آءِ اي پوليس ڄامشوري وٽان چرس هٿ اچڻ واري جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) سي آءِ اي پوليس ڄامشورو وٽان  ڪراچي ۾ هٿ ڪيل 76 ڪلو چرس واري وڏي اسڪينڊل کانپوءِ  آءِ  جي سنڌ جي هدايت تي ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جاچ ڪميٽي ۾ ساک وارا آفيسر مقرر ٿيڻ تي سي آءِ اي سميت ڄامشورو پوليس ۾ٿرٿلو متل آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي، گذريل رات دير سان ايس ايس پي بدين شبير سيٺار ۽ اي ايس پي سٽي حيدرآباد علينا راڄپر ڪوٽڙي پهچي سي آءِ اي سينٽر جو رڪارڊ تحويل  ۾ ورتو ۽ پوليس لائين ۾ معطل ٿيل اهلڪارن  کان بيان ورتا. منشيات خلاف چئن مهينن کان تحريڪ هلائيندڙ شهرين پاران جاچ ۾ ايس ايس پي ڄامشورو کي به شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ايس ٽي پي جي سڏ تي ڪوٽڙي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آءِ جي سنڌ کان ايس ايس پي ڄامشورو کي فوري طور هٽائي کيس جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي طرف سي آءِ اي پوليس ڄامشورو وٽان 76 ڪلو چرس هٿ اچڻ وارو معاملي کان پوءِ شروع ٿيل جاچ جي سلسلي ۾ جاچ ڪميٽي جي گهر تي ايس ايس پي ڄامشورو 16 سالن اندر سي آءِ اي پوليس سڄي ضلعي اندر جيڪي به ڪاروايون ڪيون ان بابت ڄامشورو ضلعي جي سمورن ٿاڻن جو رڪارڊ گهرائي ورتو آهي. ايس ايس پي پاران 2005 کان ضلعي جي سمورن ٿاڻن تي سي آءِ اي پوليس جيڪي به ايف آءِ آرز داخل ڪرايون انهن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي ڄامشورو وائرليس ذريعي ضلعي جي سمورن ٿاڻن جي وڏن منشين کي رڪارڊ سميت اڄ سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو تي11 وڳي سڏائي ورتو، ذريعن موجب جاچ ٽيم کي گهربل رڪارڊ مهيا ڪرڻ لاءِ رڪارڊ گهرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.