دادو سول اسپتال ۾ ڪورونا جا جعلي ڪارڊ، ڊاڪٽر معطل، ايجنٽ گرفتار

دادو( ڊ ر)  دادو سول اسپتال ۾ قائم ڪورونا سينٽر تي ٽن هزار روپين ۾ ڪورونا جي جعلي ڪارڊ ٺهڻ جو انڪشاف  ٿيو آھي، ڪورونا  ويڪسين سينٽر جي انچارچ ايجنٽ رشيد ملاح کي گرفتار ڪرائي ورتو ان موقعي تي گرفتار ايجنٽ رشيد ملاح چيو ته روزانو ڪيترائي ماڻهو هتي سينٽر تي ايندا آھن جيڪي ڪورونا جي ويڪيسين نه هڻائيندا آھن ۽ اهي رشوت عيوض ڪورونا جو ڪارڊ ٺهرائيندا آھن هن وڌيڪ چيو ته مون کي هڪ ڪارڊ تي 5 سئو روپيا بچندا آھن باقي 25 سئو روپيا سينٽر وارن کي ڏيندو آھيان روزانو 15 کان 16 ڪارڊ ٺهندا آھن ايجنٽ جي اهڙي بيان کانپوء ڪورونا سينٽر جي انچارج ونيش ڪمار ايجنٽ جي مٿان تشدد ڪري چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ اهڙو اطلاع اي سيڪشن پوليس کي ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي  ايجنٽ رشيد ملاح کي گرفتار ڪري ورتو ٻئي پاسي  دادو ڊي ايڇ او زاهد ڏاوڇ نوٽيس ورتو الزام هيٺ  2 ڊاڪٽرن کي معطل ڪري ڇڏيو آھي ڊي ايڇ او زاهد ڏاوڇ جو چوڻ هو ان معاملي جي جاچ ڪاميٽي ٽن ڊاڪٽرن تي قائم ڪئي آھي جيڪا 24 ڪلاڪن جي اندر رپورٽ . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.