ڄامشورو سي آءِ اي جي چرس ڪيس ۾ گرفتار 7 اهلڪارن جو رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي عدالت چرس سميت گرفتار سي آءِ اي ڄامشورو جي 7 اهلڪارن کي ٻن ڏينهن جَي جسماني رمانڊ تي پوليس  حوالي ڪري ڇڏيو آهي،گرفتار اهلڪارن ۾ راحب چانڊيو، جبار سولنگي، حميد سولنگي، محمد يعقوب، غلام عباس، اعجاز ملاح ۽ احمد نواز شامل آهن ، پوليس موجب ڊفينس ۾ ڪارروائي دوران سي آءِ اي ڄامشورو جي موبائل مان هڪ ٻوري مان چرس جا 44 پاڪيٽ ۽ ٻي ٻوري مان 20 پاڪيٽ مليا،  هوڏانهن گرفتار سي آءِ اي اهلڪارن بيان ڏيندي چيو آهي ته سب انسپيڪٽر سرور راھپوٽو، اصغر پنهور ۽ نثار ڀٽي جي چوڻ تي اسان ڄامشوري مان ڪراچي لاءِ موبائل تي نڪتاسين، اسان کي پارسل ڏئي چيو ويو ته ھي ڪراچي پھچائڻو آھي، شيرين جناح ڪالوني ۾ همراهه توهان کان وٺندو، هن چيو ته اسان کي خبر نه ھئي ته  پارسل ۾ ڇا آھي، اسان صرف آفيسرن جو حڪم مڃيوسين، اسان جڏھن ڪراچي پھتاسين ته  سرور راھپوٽو ڏي فون ڪئي، جنھن تي سرور راھپوٽو چيو ته  انتظار ڪيو ھمراھ اچي پيو توھان وٽ، اڌ ڪلاڪ بعد سرور راھپوٽو جو نمبر ملايو ته  بند ھيو، هن چيو ته اسان انتظار ڪري ئي رھيا ھئاسين ته  رينجرز وارا اچي ويا ۽ انهن پارسل جون سيلون کوليون اسان بيگناھ آھيون اسان کي خبر ئي نه  ھئي ته  ھن پارسل ۾ چرس پيل آھي. اسان آفيسرن جو حڪم مڃيو آھي، ڇا اھو اسان جو ڏوھ آھي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.