جهڏو مان 3 سالن جو ٻارڙو پراسرار نموني گم وارثن پاران اغوا جو شڪ

جهڏو جي صغير ڪالوني مان 3 سالن جو معصوم ٻارڙو ساگر ولد محمد حنيف ڀٽي پراسرار نموني گم ٿي ويو، ٻارڙي جي والد محمد حنيف ڀٽي جو چوڻ آهي سندس پٽ گهر ٻاهران راند کيڏي رهيو هو ته هن کي نامعلوم ماڻهو شيءِ وٺي ڏيڻ جي بهاني سان کڻي ويو، جنهن کي پاڙي جي ٻارڙن کڻي ويندي ڏٺو آهي، اهڙي اطلاع ملڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهنواز خاصخيلي فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي گم ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ پاڙي وارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ٻارڙي جي ڳولا لاءِ جانچ ٽيم جوڙي ڇڏي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.