اوٻاوڙو: راونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ڌاڙيل راحب شر جي ٺڪاڻن کي باهه

اوٻاوڙو ڀرسان 3 ڏينھن اڳ سکر ملتان موٽر وي ايم فائيو تي مسافر گاڏين مان ڦرلٽ جي ڪوشش دوران مبينا مقابلي  کانپوءِ  رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس  پاران  آپريشن جاري رکيو ويو جنهن دوران  ڌاڙيل راحب شر جي ٺڪاڻن کي باهه ڏني وئي، ڪيس ۾ گهوٽڪي ضلعي جو مشھور ڌاڙيل راحب شر، لالڻ شر، راجو شر ۽ ٻين کي نامزد ڪيو ويو هو ،  قتل ٿيل ڳوٺاڻي ھاشم سيال ۽ زخمي جو تعلق رائونتي جي ڳوٺ دٻلي سان هو، پوليس راونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ آپريشن جاري رکيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.