ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ڳوٺن جي 2 مهينن کان بجلي بند هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ،ڌرڻو

ڀرياروڊ ۽ ڀرپاسي ۾ پنجاهه کان مٿي ڳوٺن جي ٻن مهينن کان بجلي بند هئڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران سيپڪوآفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  ڳوٺاڻڻ پپو راڄپر ۔ اڪرم راڄپر۔ خالد چوهاڻ۔گلزار هيسباڻي ۽ ٻين جو چون هو ته گذريل ٻن مهينن کان پنجاهه کان مٿي ڳوٺن جي بجلي ڪٽيل آهي۔سخت گرمي سبب پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون،  هنن چيو ته سيپڪو عملي جي نااهلي سبب تازين برساتن ۽ طوفان سبب ڪريل تارون  ۽ ٿنڀا به چوري ٿي ويا آهن۔اهڙيون شڪايتون عملي کي به ڪيون ويون  پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو۔ ۔هنن مطالبو ڪيو ته بجلي فراهم ڪري پريشانين کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.