ٺٽو: جهمپير جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

جهمپير جي هزارين ايڪڙ ڪوهستاني سرڪاري زمين ڄامشوري ضلعي جي ڄاڻائي سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ جي انڪشاف کانپوءِ سڄاڻ ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لھر پکڙجي وئي،  بااثر لينڊ مافيا ۽ بروڪرن روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرائي وڏي جعلسازي ذريعي جهمپير جي اربين روپين جي 5 هزار ايڪڙ ايراضي زمين ڄامشورو ضلعي جي ڄاڻائي نوري آباد جي سرمائيدارن کي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صعنتي اداري لبرٽي ڪمپني جعلسازي ذريعي خريد ڪيل جهمپير جي ڪوهستاني زمين تي صنعتي ادارن ۽ هائوسِنگ اسڪيمن لاءِ اڏاوتي ڪم به شروع ڪرائي ڇڏيو. ٺٽي ضلعي جي زمينن تي ٿيندڙ والار خلاف سڄاڻ ڌرين سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي رڪارڊ جي ھيرا ڦيري جو ذميوار روينيو کاتي جي عملدارن کي قرار ڏيندي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي ذميوار عملدارن خلاف ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ ڪوھستان جي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري چيو ته ٺٽي جي زمين تي غير قانوني والار خلاف عيد بعد ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعي جي بارڊر جھمپير روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويندو. جڏھن ته معاملي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ نوٽيس وٺندي ڊي سي ٺٽو کي غير قانوني اڏاوتون ڊاھي جلد رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي ، ڊي سي ٺٽو غضنفر علي قادري جي حڪم تي مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بھراڻي روينيو کاتي جي ٽيم سان گڏ جاءِ واردات تي پھچي غير قانوني ڪيل اڏاوتن کي ڊاھي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.