تلھار : ڳوٺ خيرمحمد کوسو ۾ مقامي زميندارن پاران بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

تلھار لڳ يونين ڪائونسل سعيدپور جي ڳوٺ خيرمحمد کوسو ۾ قديمي پڪي واٽر ڪورس کي بااثر ابراھيم ولد فتح محمد کوسو ٽريڪٽر سان کيڙائي ڇڏيو، جنهن ڪري مقامي زميندارن پاران پاڻي نه ملڻ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ،ان سلسلي ۾ مقامي زميندارن ظھرو کوسو،ارشاد ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب جي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته بااثر ابراھيم جي واٽر ڪورس سان لڳ فقط ڏيڍ ايڪڙ زرعي زمين آھي جڏھن ته ساڳي واٽر سان لڳ اسانجي ويھ ايڪڙ زرعي زمين ۽ ٻين جي ڏھ پندرھن ايڪڙ ھجڻ جي باوجود بااثر ابراھيم کوسو واٽر کي کيڙائي غيرقانوني طور تي پنھجي زمين ٺاهي رھيو آھي، ،ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان،آئي جي سنڌ سيڊا ڊائريڪٽر،سيشن ڪورٽ بدين کي اپيل ڪئي ته بااثر ابراھيم کوسو سان ملوث ايريگيشن عملدارن خلاف سخت مان سخت قانوني ڪاروائي ڪري پراڻي واٽر ڪورس کي بچايو وڃي ته جيئن مقامي آبادگار پاڻي کان محروم نه ٿي سگھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.