ڄامشورو: مڙس پاران گھرواري کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف مظاهرو،ڌرڻو

حيدرآباد ۾ مڙس عمر خالد ميمڻ طرفان پنھنجي گھرواري قرت العين ميمڻ عرف عيني کي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ڄامشورو ۾ سڄاڻ ڌرين طرفان  احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن بخت جتوئي, شبير خاصخلي, اياز برھماڻي, حيدر شاھ, وزير کوسو ۽ ٻين چيو ته  شراب جي نشي ۾ ڌت موالي مڙس عمر خالد ميمڻ سنڌ جي پڙھيل لکيل باشعور نياڻي عيني کي بيدردي سان قتل ڪري انسانيت جو  ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي هنن مطالبو ڪيو تـ ڪيس ۾ وڌيڪـ گھربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽  قاتل عمر خالد ميمڻ کي ڦاھي ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.