غوثپور پوليس عورتاڻي آواز تي هرکيل 2 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

غوثپور پوليس ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي مان ٻن ڄڻن خيرپور واسي اڪبر پنھيار ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولو کي ٽيليفون جي ٽريسنگ ذريعي ڪچي وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ۔ ان سلسلي ۾ پوليس جي ايس ايڇ او سرور ٻرڙو ٻڌايو ته جاگيراڻي ۽ تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين خيرپور واسي اڪبر پنھيار کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي دوستي رکڻ بھاني ۽ زور ڳڙھ واسي محبوب گولو  کي تعويذن ڏيڻ بھاني گھرائي دوکي سان اغوا جو منصوبو جوڙيو ھيو جيڪو پوليس ناڪام بڻائي ٻنھي ڄڻن کي بچائي ورتو آھي۔ ٻئي پاسي ڏوھاري پوليس جي اچڻ جو ٻڌي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.