ميهڙ: شهرين جي شڪايتن جو ازالو، سنڌي ٻٽڙا شھر مان برسات جو پاڻي نيڪال

ميهڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ ، گندگي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ  شهري اتحاد جي شڪايتن تي  مختيارڪار  ڪي اين شاه سعيد احمد کونهارو پهچي ويو، شھر ۾ بيٺل برسات جو پاڻي ڪڍرايو،  مختيارڪار شھر ۾ يوٽيلٽي اسٽور جو دورو ڪيو ۽ شھر ۾  سبزي ۽ ڪريانا  جي دڪانن تي وڃي ريٽ لسٽ چيڪ ڪئي ۽ دڪاندارن کي اگهن واري لسٽ  هڻن جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي شھري اتحاد جي اڳواڻن غلام نبي قمبراڻي، شوڪت علي ٻٽڙو، سميع اللله جتوئي، عاجز عجيب الله، نورمحمد جتوئي ۽ ٻين شھر م صفائي نه ٿيڻ گندگي مھانگائي جون شڪايتون ڪيون  مختيارڪار يوسي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جلد شھرين جا مسئلا حل ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.