ميرو خان:ٽائون ڪاميٽي جي صفائي مهم کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش، شهرين جو مظاهرو

ميروخان شھر ۾ھلندڙ صفائي مھم کي ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري ملازمن طرفان ناڪام ڪرڻ لاء مختلف جواز ڄاڻائي ڪيل ڪم ڇڏ ھڙتال کانپوءِ سوين شھرين طرفان ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي حمايت ۾ شھر جي مين روڊ عرضي ڀٽو چؤڪ کان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي شهرين محمد عظيم قريشي، عاشق چانولي، عامر ڪبابي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھڪ منظم سازش ۽ رٿابندي تحت ٽائون ڪاميٽي جا ملازم ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو کي ناڪام ثابت ڪرائي ان جي بدلي ڪرائڻ چاھن ٿا ، هنن چيو ته شهري ٽائون آفيسر سان گڏ آهن ۽ ان خلاف ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.