وزيراعظم، فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ کان روڪي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان، فردوس عاشق اعواڻ کي استعيفيٰ نه ڏيڻ جو چوندي کيس پنجاب ۾ حڪومتي ڪارڪردگي وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو.

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي پابندين کان بچڻ لاءِ فردوس عاشق اعواڻ اهڙو فيصلو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.