افغانستان ۾ تڪرار پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغان تڪرار جو ڪو فوجي حل ناهي، طاقت ذريعي حڪومت جو قيام تڪرار جي حل جو سبب نه هوندو.

وزيراعظم عمران خان سان خاص آمريڪي نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغان امن عمل کي تيز ڪرڻ جي حوالي سان گفتگو ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ تڪرار ۽ عدم استحڪام ۾ واڌ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان سنگين چئلينجن کي منهن ڏيندو.

هن چيو ته ڳالهين ذريعي ئي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ايندو، مستحڪم افغانستان لاءِ پاڪستان مستقل حمايت ڪندو، افغانستان ۾ پائيدار امن سان علائقائي معاشي رابطن کي هٿي ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.