کهڙا: صنعان قريشي سميت ڪارڪنن جون ضمانتون منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي

کهڙا ۾ جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي سميت قومي ڪاڪنن جي ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي ,جسقم اڳواڻ ڪامريڊ محمد علي اڄڻ. نور سنڌي. اعجاز ڦلپوٽي پريس ڪلب پهچي صحافين ۽ جسقم ڪارڪنن کي مٺائي کارائي خوشي جو اظھار ڪيو ، ان موقعي تي جسقم اڳواڻ محمد علي اڄڻ چيو ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آھي  جو اسان جي محبوب اڳواڻ صنعان خان قريشي سميت قومي ڪارڪنن جون ضمانتون ٿيون آھن جيڪا حق سچ جي فتح آھي،  هن چيو ته قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء اسان جي ڪيل جدوجهد کي  عوامي آواز ميڊيا گروپ سميت سنڌي ميڊيا ڀرپور ساٿ ڏنو،  اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ جا تمام گهڻا ٿورائتا آھيون

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.