سنڌ حڪومت عيد تي نيون پابنديون هڻي ڇڏيون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد الاضحيٰ تي نيون پابنديون هڻي ڇڏيون.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب شهري رهائشي علائقن ۾ قرباني جي اجازت ناهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهرن ۾ قرباني بدران کليل ميدان جي چونڊ ڪئي وڃي ۽ جانورن جي قرباني ڪندي ميڙاڪا نه لڳايا وڃن.

گهرو کاتي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عيد نماز جا ميڙاڪا به کليل جاين تي ڪيا وڃن، نماز لاءِ ايندڙن کي ٿرمل اسڪينر مان گذاريو وڃي، ان دوران سماجي وٿي جو خيال رکيو وڃي ۽ نماز دوران بيمار ماڻهن، ٻارن ۽ بزرگ شهرين کي شرڪت ڪرڻ نه ڏني وڃي.

گهرو کاتي طرفان چيو ويو آهي ته نماز پڙهندڙ ماسڪ جو استعمال لازمي ڪن ۽ هڪٻئي سان هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.