سپريم ڪورٽ نيب کي اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين قومي احتساب بيورو نيب کي اعجاز جکراڻي جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو آهي.

جيل خانه جات بابت سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ اڳڀرائي آڏو آئي آهي.

سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب انڪوائري ۾ جيل خانه جات بابت وڏي وزير جي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي عبوري ضمانت ۾ ايندڙ سيشن تائين واڌ ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻه رڪني بينچ جي فيصلي جي خلاف ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي.

ٻه رڪني بينچ جي فيصلي جي خلاف ٽي رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، ان معاملي ۾ ڪيترن ئي قانوني نقطن جي  وضاحت ڪرڻي پوندي.

ان ڪري اعجاز جکراڻي جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٽي رڪني بينچ ڪندي.

نيب پراسيڪيوٽر موقف اختيار ڪيو ته اعجاز جکراڻي جي درخواست ٻڌڻي جوڳي ئي ناهي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ کان اڳ درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ تي دليل ڏيڻ گهرجن.

جنهن تي اعجاز جکراڻي جي وڪيل چيو ته نيب اعجاز جکراڻي کي ڪو به ڪال يا واٽس ايپ ذريعي نوٽيس جاري نه ڪيو هو.

 هن وڌيڪ چيو ته 24 جون 2021ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ضمانت رد ڪندي حقيقتن کي نظر انداز ڪيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين نيب کي گرفتاري کان روڪيندي اعجاز جکراڻي جي عبوري ضمانت ۾ ايندڙ سيشن تائين واڌ ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.