شهدادڪوٽ: پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ، ڌرڻو

شھدادڪوٽ، قبو سعيد خان,بھرام ۽ ڪچي پل ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي جي سڏ تي ڄاڻايل علائقن جي سوين آبادگارن,ھارين,سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شھدادڪوٽ پريس ڪلب کان مير مظفر بروھي,پي ٽي آء اڳوڻ ميرغيبي مغيري,سماجي اڳواڻ, ميرامجد ميرجت,شھري اتحاد اڳواڻ حبدارميرجت, جي يو آء اڳواڻ حافظ عبدالرزاق مگسي ۽ محمد ايوب کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي شاميانا کوڙي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب سنڌ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي ۽ گڏو گڏ عيد خريداري لاء ويندڙ شھرين توڙي مسافرن کي تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو, ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ مير مظفر بروھي, پي ٽي آء اڳواڻ مير غيبي مغيري ۽ ٻين چيو ته اسان جي جدوجهد جو مقصد عوام جي جياپي خاطر آهي جيڪي گذريل ٽن مھينن کان پاڻي لپ لاء پريشان آهن پر پپلز پارٽي سنڌ جي گونگي ۽ ٻوڙي حڪومت کي پاڻي واري جدوجهد نظر نه ٿي اچي، هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن جلد پاڻي نه مليو ته عيد کان پوء سنڌ اسيمبلي يا بلاول زرداري ھائوس  جو رخ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.