چيني شهرين کي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي: آرمي چيف جي چين کي خاطري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير نونگ رونگ جي ملاقات ٿي، آرمي چيف داسو بس واقعي تي چيني حڪومت ۽ عوام خاص ڪري سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات ۾ داسو ۾ ٿيل واقعي تي همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ فوج چين سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو گهڻو قدر ڪري ٿي. آرمي چيف پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي مڪمل سپورٽ، سهڪار ۽ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته اسان امن جي لاءِ ڪم پيا ڪيون، اسان کي پنهنجي عزم کي چيلينج ڪندڙ سمورين دشمن قوتن جي ناڪام عزمن کي ناڪام بڻائڻ ۽ خاص ڪري پاڪ چين اسٽريٽيجڪ ڀائيواري کي لاڳو خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستحڪم رهڻ جي ضرورت آهي.،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.