ڪورونا وائرس سبب 114 ڊاڪٽر فوت

جڪارته(ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 17 ڏينهن ۾ 114 ڊاڪٽر فوت ٿي ويا.

انڊونيشيا ۾ جولاءِ جي ٻن هفتن ۾ ڪورونا جي ڀارتي قسم ڊيلٽا سڄي ملڪ ۾ انفيڪشن جي شرح ۾ تيزي سان واڌ ڪري ڇڏي آهي.

سڄي ملڪ ۾ 95 سيڪڙو هيلٿ ورڪرز جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي پر ان جي باوجود هيلٿ ورڪرز عالمي وبا جو شڪار ٿي رهيا آهن.

انڊونيشيا جي ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سينيئر اڳواڻ مهيسا پرانا ديپا جو چوڻ آهي ته وبا جي آغاز کان هن وقت تائين 545 ڊاڪٽر موت جي وات ۾ وڃي چڪا آحن.

انڊونيشيا ۾ هن وقت تائين 44 هزار 721 ڪيس ۽ هڪ هزار 93 فوتگيون رپورٽ ٿي چڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.