اڪشي ڪمار، سنيل شيٽي ۽ پاريش راول وري هيرا ڦيري لاءِ تيار

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار پاريش راول جڳ مشهور مزاحيا فلم ”هيرا ڦيري“ جي ٻئي سيڪوئل بابت مداحن کي جلد خوشخبري ٻڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

تازو ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پاريش راول چيو ته ”هيرا ڦيري3“ تي ڪم جاري آهي، اميد ته هلندڙ سال جي آخر تائين مداح ان حوالي سان خوشخبري ٻڌندا.

واضح رهي ته بالي ووڊ جي جڳ مشهور فلم ”هيرا ڦيري“ کي 2000ع ۾ رليز ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪاميابي کانپوءِ ان جو سيڪوئل ”ڦر هيرا ڦيري“ 2006 ۾ رليز ٿيو.

فلم ۾ اداڪار اڪشي ڪمار، پاريش راول ۽ سنيل شيٽي مک ڪردار ادا ڪيو هو.

2018 ۾ مشهور هدايتڪار اندرا ڪمار ٽوئيٽر تي تصديق ڪئي هئي ته فلم ”هيرا ڦيري 3“ تي ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي. جنهن کانپوءِ مداحن کي ان جو بي صبري سان انتظار هو.

خبرون هيون ته اڪشي ڪمار فلم ۾ وڌيڪ معاوضو گهري رهيو آهي، جنهن جي ڪري سندس جاءِ تي اڀيشيڪ بچن کي ڪاسٽ ڪيو ويندو پر اڪشي ڪمار کي ئي فلم جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.