ڀارت طرفان وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جا فون به هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرن جا فون به هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن موجب ڀارت اسرائيلي ڪمپني جي سافٽ ويئر ”پيگاسس“ ذريعي وزيراعظم عمران خان سميت ڪابينا ميمبرن جون فون ڪالز ۽ ميسيج رڪارڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت جي جاسوسي تي اعليٰ عسڪري ۽ سول قيادت جي ويهڪ ٿي آهي، جنهن ۾ وزيرن سميت سرڪاري آفيسرن لاءِ واٽس ايپ جهڙي نئين ايپليڪيشن آڻڻ تي مشاورت ڪئي وئي.

ذريعن موجب حڪومت طرفان ان معاملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ڀارت جي جاسوسي جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪئي پئي وڃي ۽ ڀارت جي جارحاڻي حڪمت عملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

واضح رهي ته آمريڪي اخبار جاسوسي جي اسرائيلي نظام سان پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن جي شخصيتن جا فون هيڪ ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.