شهري جيڪڏهن پابنديون نٿا چاهن ته ايس او پيز تي عمل ڪن: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ٻيهر خراب پئي ٿئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو ته شهري جيڪڏهن چاهن ٿا ته پابنديون نه لڳن ته هو ڪورونا ضابطن (ايس او پيز) تي عمل ڪن.

هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسپتالن ۾ جاءِ ناهي رهي ته حالتون اڃان به خراب ٿينديون پوءِ اِها ئي ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ وارا صوبائي حڪومت تي الزام هڻندا.

مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته ويڪسين ويڪسين چڱي مقدار ۾ موجود آهي، شهري وبا کان بچڻ جي لاءِ ويڪسين لڳرائن.

سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، جيڪڏهن خدانخواسته اسپتالن ۾ جاءِ نه رهي ته نقصان شهرين جو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.