سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جو مڙهه آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽو کي آلين اکين سان ميرپور ڀٽو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو جي جنازي نماز ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو, سردار عامر خان ڀٽو, سردار ذوالفقار علي ڪماريو,اڳوڻي سينيٽر صفدر علي عباسي,ايم پي اي معظم علي عباسي ,ديدار جتوئي,جي يو آء سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو,مير مٺل ٽالپر,ايم پي اي اسلم ابڙو,اڪرم ابڙو سميت ھزارين سياسي، سماجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي، سردارممتاز علي ڀٽو کي ميرپور ڀٽو جي  اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ممتاز ڀٽو جو لاش کڄڻ وقت ڏکارو ماحول ٿي ويو، ڪيترائي ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئيندا رھيا.

سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو سوٽ ممتازعلي ڀٽو 28نومبر1933 ۾ ڄائو ، 1964ع۾ ڪنوينشن مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي مان ايم اين اي چونڊيو. نومبر 1967ع ۾ پ پ جو بنياد وجهڻ وقت هو پ پ جو باني اڳواڻ  ۽ سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو  ۽ 1972 ۾ سنڌ جو چيف گورنر ۽ بعد ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو. 1973 ۾ هن وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏني. ۽ 1975 ۾ کيس مواصلات جو وفاقي وزير بڻايو ويو  جنهن دوران هن سنڌي ماڻھن کي تمام گهڻيون نوڪريون ڏنيون 1972 ۾ سنڌي ٻولي کي لازمي قرار ڏيڻ تي کيس سنڌ جي ڏھيسر جو لقب ڏنو ويو 5 جولاءِ 1977 ۾ جنرل ضياءَ پاران ڀٽو حڪومت ختم ڪرڻ وقت کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ 2 سال هُو ڪراچي جيل ۾ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو سان جيل ۾ سندس 3 ملاقاتون ٿيون جنهن دوران هن عالمي سطح جي سياستدانن سان ڀٽو جي ڦاهيءَ کي روڪڻ لاءِ پڻ ڪردار ادا ڪيو. ڀٽو جي ڦاهي کانپوءِ هن جلاوطني پڻ اختيار ڪئي جنهن دوران نون ماڻھن کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ تي اختلاف راءِ رکڻ تان کيس پ پ پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي. 31مارچ 1985 ۾ هو جلاوطني ختم ڪري ڏيھه وريو ۽ سردار عطاءُالله مينگل، افضل خان بنگش، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻين سان گڏ سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ جو بنياد رکيو ، جيڪو پليٽ فارم 1989 ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ بڻجي ويو. هُن سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان ڪالاباغ ڊيم، اينٽي ٿل ڪئنال، ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف سياسي جدوجهدن جي اڳواڻي ڪئي ۽ 1988 دوران سائين جي ايم سيد سان پڻ اتحادي طور ڪم ڪيو. نومبر 1997 ۾ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ شرط کيس سنڌ جو نگران وزيراعليٰ پڻ بڻايو ويو.  2012 ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ کي هن مسلم ليگ ن ۾ هڪ تحريري معاهدي تحت ضم ڪيو پر نواز شريف پاران واعدا پورا نه ڪرڻ سبب ن ليگ کي الوداع ڪيو. گذريل عام چونڊن ۾ سندس پٽ امير بخش ڀٽو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي ۽ ممتاز علي ڀٽو اڻ اعلانيل طور سياست کي الوداع ڪيو. ممتاز علي ڀٽو گذريل 6 مهينن کان طبيعت جي ناسازي سبب گهر تائين محدود هيو ۽ هن جو ڪراچي جي خانگي اسپتال مان دل ۽ ڦڦڙن جي تڪليف جو علاج هلندڙ هيو،  18 جولاءِ تي منجهند جو هن ڪراچي جي ڊفينس واري گهر ۾ وفات ڪئي. هن سوڳوارن ۾ 2 پٽ امير بخش ڀٽو، علي حيدر ڀٽو سميت ٻه ڌيئرون ۽ هزارين چاهيندڙ ڇڏيا آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.