ميهڙ: مقتول نوجوان جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو، ٺاهه لاءِ زور

ميهڙ   ڇن ڀنڀور جي ڀرسان ڳوٺ ڪلرائي کوسو ۾ 3 مھينا اڳ کوسا ۽ جمالي برادري ۾ معمولي ڳالھ تان ٿيل جھيڙي دوران قتل ٿيل مير حسن ولد محمد نواز کوسو جي وارثن وٽ دادو مان سياسي سماجي اڳواڻن سيدن ,پ پ سينيئر نائب صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو رئيس غلام شبير ابڙو جوھي کان سيد ڇتن شاھ ، پ پ پ سٽي دادو جو صدر خالد حسين ميراڻي  ۽  مختلف برادرين جي چڱن مڙسن پاڪ ڪتاب کڻي ڳوٺ ڪلرائي کوسو ۾ مير حسن ولد محمد نواز کوسو جي وارثن وٽ پھچي ٻنھي ڌرين ۾ ٺاھ لاءِ  ڳالھيون ڪيون،  جڏھن ته قتل ٿيل مير حسن ولد محمد نواز کوسو جي وارثن پاران آيل ميڙ منٿ قافلي کان ھڪ ھفتي جي مهلت گھري وئي ۽ ٺاھ لا۽ عيد کان بعد جي  تاريخ رکڻ لاءِ چيو،  ان موقعي تي سينيئر نائب صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع دادو رئيس غلام شبير ابڙو عوامي آواز  سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سدائين امن امان جي ڳالھ ڪئي آھي،  اسان ڌرين کي اڄ ٺاھڻ لا۽ آيا آھيون انشاالله عيد کان بعد ٻنھي ڌرين جو ٺاھ ڪرائي ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.